سبري/ سبڙي

سبري/ سبڙي

سبري/ سبڙي

سبري/ سبڙي

سبري سبڙي

سبري/ سبڙي (Sibri): مهرڳڙهه جي ڏکڻ ۾ 10 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ۽ نوشهري کان لڳ ڀڳ ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي سنڌو تهذيب جو هيءُ ماڳ هڪ هيڪٽر ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هي قديم ماڻهن جي بيٺڪ هئي. ڪجهه ٻاهرين لاڳاپن هوندي به ماهرن جو خيال آهي ته هتان مليل شيون گهڻو ڪري سنڌو تهذيب ۽ مڪاني روايتن کان متاثر ٿيل آهن. هتان ٺڪراٺي کان سواءِ، جيڪي شيون مليون آهن، تن مان خاص هيٺ ڏجن ٿيون:
مورتيون (Figurines): هتان لڌل مورتين جو چڱو تعدادُ عورتن جي ڌڙن جي مورتين جو آهي، جن ۾ ٽنگن، ٻانهن ۽ ٻين جسماني جزن تي گهٽ يا بلڪل نه جهڙو ڌيان ڏنل آهي. مورتيون سُرندي (Violin) ساز جهڙي شڪل جون آهن. پاسن ڏانهن سندن خدوخال وڌاءَ سان ڏيکاريل آهن. ڪي مورتيون بهرحال، اصلي نموني جون به آهن، پر انهن جون به ٻانهون ٻاهر تي نڪتل ۽ رونڊيون آهن.
مهرون (Seals): مهرن مان ڪن ۾ خانا ٺهيل آهن. ٻه عدد پٿر مان ٺهيل ويلڻي شڪل جون مهرون مليون آهن، جن مان هڪ تي Zebu ڍڳي کي شينهن جي سامهون ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي ته ٻيءَ ۾ وري شينهن کي، ڍڳي تي حملو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، وچ ۾ ماڻهو آهي، جنهن جي هٿ ۾ مڇيءَ جهڙي ڏنڊيءَ سان ڀالو آهي، جيڪو مختلف جانورن کي اورانگهي پيو. ٻين نمونن ۾ هڪ وڇونءَ جي شڪل اهم آهي.
گهر/اڏاوتون: اڏاوتن جون پيڙهون مٽيءَ جي ڪچين سرن سان ٺهيل آهن.
ڪنجهي جي شين مان خاص هڪ ٻه مُنهون ڪهاڙو آهي، جنهن جا ٻئي پاسا ڌار سان پاهوڙي وانگر آهن ۽ وچ ۾ ڳن وجهڻ لاءِ پاهو ٺهيل اٿس.
قبرون: ماڳ تي چند قبرون به مليون آهن جن ۾ هڪ ٻار جي هاٺي به شامل آهي، جيڪا هڪ Urn يعني ٿانءَ يا ٽڀي ۾ پيل هئي. هتان قبرن مان جيڪي شيون مليون آهن. سي ڪي قدر مهرڳڙهه جي VIII دور واري قبرستان مان مليل شين سان ڀيٽڻ جهڙيون آهن، پر ڪن کي وچ ڏکڻ ايشيا مان هٿ آيل شين سان به نسبت آهي.
تعويذ (Amulets): هڪ اڇي سنگ جراحت جو تعويذ مليو آهي، جنهن جي هڪ پاسي تي هڪ چؤپيرو ساهوارو کنڀن سان ٺهيل آهي. ان کي ٻه پُڇ آهن، تنهن کي پنهنجي پيرن سان نانگ کي لتاڙيندي ڏيکاريو ويو آهي. ٻيو هڪ واڌوءَ جي نشان (+) جهڙي شڪل جو نشان آهي. اڃا به هڪ ٻئي تعويذ تي سنڌو تهذيب جي لکت جا ٻه نشان/ اکر ٺهيل آهن.
ٻيون وٿون: ٻياڪي ٺڪر جا ٽول مثال طور راند جا مُهرا، سپيءَ جهڙي شڪل جا چمچا ۽ ڪتن جي ڪم اچڻ وارين ڀونرين جهڙيون شيون به هن ماڳ تان مليون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو